نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪش??ير تي گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪش??ير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ ??ان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪش??يرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪش??ير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک ??ان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪش??ير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪش??ير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن ??ان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪش??يري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي ??ان التوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪش??ير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف ??ان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪش??ير ۽ فلسطين بابت گ??يل قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ ??ان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.