اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چئن ڏهاڪن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي اسڪوائش ۾ پاڪستان جي فتح تي پوري قوم کي ۽ حمزه خان کي ??رل?? جونيئر اسڪوائش چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 1986ع ۾ جان شير خان پاڪستان کي جيڪو اعزاز ڏياريو هو، 37 سالن کان پوءِ حمزه خان ٻيهر ان کي پاڪستان جي ن??لي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر ??وجوان کي وطن ج?? سربلندي جو ذريعو بڻائي، درسگاهن ۽ راندين جي ميدانن کي آباد ڪري، هر ??دم تي پاڪستان سربلند، سرخرو ۽ فتحياب ٿئي.