لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي فليگ شپ پراجيڪٽ، پاڪستان جي پهرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ جي جديد طريقن تي ٻڌل ”خانيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف سي??ري??ريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آفيسر ش??ڪت ڪندا. پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي جو حصو رڳ?? 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي جي سگهه کي پوکيءَ جي جديد طريقن جي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. گرين پاڪستان انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي وچ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ فا??م آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.