اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شع??ن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ا?? جي عوام کي قومي ڏينه?? جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آمريڪا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪي??، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جاني?? جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ا?? جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شع??ن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستا?? جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انه?? جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شع??ن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آمريڪا اسا?? جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمي?? جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوشش?? جي ڪري ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪي?? ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جا??ي رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پاڪستان سان واپار سميت ٻين شع??ن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.