اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پ?? پي) صدر م??لڪت ڊاڪٽر عارف علوي سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي ح??متي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته هن دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر م??لڪت چيو ته هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو هڪٻئي جي مذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان رواداري پ??دا ڪرڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اهڙي بي تڪي نفرت انگيز ڪارروائين کان اڳتي نڪرڻ جي ضرورت آهي.