مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي ادا ڪي?? ويندو. سڄي دنيا مان حج جي فرض جي ادائگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي عرفات جي مي??ان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله پاڪ جي مهمانن جي مي??باني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حج جو رڪن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ عرفات جي مي??انن ۾ حج جي رڪنن جي ادائگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آهن. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان فوج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي حج واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي ادائگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪي?? ويو آهي. 160 کان وڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي فرض جي ادائگي لاءِ عرفات جي مي??ان پهچندا. عرفات جي مي??ان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي حضور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ عرفات جي مي??ان کي ڇڏڻ جو حڪم آهي. حاجي سڳورا عرفات جي مي??ان مان مزدلفه لاءِ روانا ٿيندا، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ ادا ڪندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائيندا. رات مزدلفه ۾ کليل آسمان هيٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي ادائگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ واپس ايندا جتان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس روانا ٿيندا. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ ايندا جتي قرباني بعد وار ڪترائي احرام کوليندا. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس ويندا ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي پاڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ايندا. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لازمي رڪن آهي. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت مڪي پاڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لازمي رڪن آهي.