اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تا??يخي لاڳاپا گڏيل ع??يدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پاچاجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم پنهنجي ترڪيه جي تا??ي دوري دوران شاندار مهمان نوازي تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تا??يخي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ع??يدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام رکن ٿا. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه جي نئين ٺهندڙ ڪابينا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻاهرئين سيڙپڪاري جو موزون ترين وقت آهي جڏهن ته ترڪ ڪمپنين جي ان حوالي سان گهري دلچسپي خوش آئنده آهي. وزيراعظم ترڪ سفير کي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ڪائونسل جي ستين اجلا?? جي لاءِ ترڪ صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.