اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ڪندڙن کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست تي حملي ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي، قومي علامتن جي بي حرمتي ڪا به رياس?? برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئين ۽ قانون پائمال ڪري قومي علامتن جي بي حرمتي آمريڪا ۾ ٿئي، برطانيا يا پاڪستان ۾?? ان کي ڪا به رياس?? برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند جٿن جي وڪيلن ?? ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو آهي.