ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل ??لي خان چيو آهي ته مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ج?? ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي وچ ۾ موثر ??ابطي ڪاري کي فروغ ڏئي انتظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي ريجنل سربراهن ??ي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل ??لي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ريڊيو جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل معياري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قائم سرڪاري ميڊيا ج?? ريجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل انتظامي سربراهن کي ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ ميڊيا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر ??ڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ انتظامي معاملن کي ب??تر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي ب??وچستان جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالمنان، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر، ريڊيو پاڪستان ??ي اسٽيشن ڊائريڪٽر انيس الرحمان ۽ اي پي پي جي ب??ورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهن??ي ادارن بابت بريفنگ ڏني.