اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ??لاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي معامل?? تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت ??اران بلوچستان جي مسلم ليگي ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچستان جو ٻيو دورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچستان جي عوام کي ترجيحي بنياد?? تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن چيو ته باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙي ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ??هي?? آهيان. ٻوڏ دوران مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏک?? تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري مرڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.