لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ بيديان روڊ تي قائم اٽو ورهائڻ و??ري مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن کان انهن جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻو??هه ڪندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ??لو??رام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو سلسلو 25 رمضان تائين ج??ري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.