اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنه??جي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ??رين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائز?? ورتو ۽ مختلف ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي ??جي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنه??جي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.