اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي عدالتي پيشي تي تبصرو ڪ??دي چيو آهي ته هي تصوير عمران خان جي اصل شخصيت ۽ ڪردار جو واضح ثبوت آهي جيڪو چوندو هو ”خوف ??ا بُت ٽوڙي ڇڏيو“ هو پاڻ خوف ??و بُت بڻجي چڪو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو بزدل شخص اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو. سچ آهي کَل پائڻ سان گيدڙ جي اصليت ناهي بدلجي ويندي. ڪوڙو ۽ منافق شخص شير دل ۽ بهادر نه ??و ٿي سگهي.