اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته اسان جي سياسي اڳواڻن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪري 1973ع جو متفقه آئي?? جوڙي تاريخ لکي، آئين سمورين وفاقي ڌرين کي قيامت ت??ئين هڪ ڏور ۾ ٻڌي رکندو?? موجوده اتحادي حڪومت گڏجي درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. آئين جي گولڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ منعقد ڪنوينشن ۾ آئين جي گولڊ?? جوبلي قرارداد پيش ڪندي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن ڪنوينشن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته مختلف موقعن تي آئين ۾ ٿيندڙ ترميمن جي باوجود اهو زندهه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني عدل ۽ انصاف جي بول بالا جي لاءِ مختلف نظرين ۽ سوچ رکندڙ پارٽين گڏجي آئي?? جوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد?? مولانا مفتي محمود?? مولانا شاهه احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته 1999ع ۾ پهريون ڀيرو نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح هڪ چيف جسٽس هڪ ڊڪٽيٽر کي 7 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي، آئين کي ڪجهه وقتن تي ري رائيٽ به ڪيو ويو، 1973ع جو آئي?? جوڙيندڙن هڪ تاريخ لکي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين گڏجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت سنڀالي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته چيو پئي ويو ته هي اتحادي حڪومت هڪ مهينو به نه هلندي، اڄ هڪ سال ٿي ويو آ??ي، چئلينجز ۽ مشڪلاتون ضرور آهن پر جڏهن پڪوپهه ڪري ڇڏيو ته گڏجي هلڻو آ??ي ۽ ڪم ڪرڻو آ??ي ته توهان اڳتي وڌو ٿا. هن چيو ته اسان سان شامل سياسي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين پنهنجي پنهنجي منظور تحت اليڪشن ۾ وڃڻو آ??ي پر جڏهن اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي گڏجي معاملن کي هلائڻو آ??ي ته وڏا وڏا چئلينجز عبور ٿي وڃن ٿا. هن آئين سازن کي سلام پيش ڪندي چيو ته آئي?? جوڙيندڙن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. هن چيو ته سمورين ترميمن ۽ مشڪلاتن جي باوجود آئين چئني وفاقي ڌُرين کي هڪ ئي ڏوري ۾ ٻڌي رکيو آ??ي ۽ قيامت ت??ئي?? جوڙي رکندو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ سينيٽر ميان رضا رباني کي گولڊ?? جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.