اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچ?? ويو آهي، ??ئين جي روشني ۾ جو??يل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستا??يز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع جي آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مس??قب?? جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچ?? ويو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.