اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان ??ان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشي??ئي رياستن سان ??هتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا سان ??ياسي، اقتصادي ۽ تو??نا??ي جي شعبن ۾ رابطا مض??وط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 تو??نا??ي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان ??ي لاءِ نامزد سفير مح??د سعيد سرور سان ڳاله??ئي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ??ا تاجڪستان ??ان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان ??و سفير تو??نا??ي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستان ??ي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان ??شمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مح??د سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستان ??ي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان ??ان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.