اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يورپي يونين، بي??جي??م ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يورپي يونين، بي??جي??م ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ??ي??جي??م پارلياماني فر??نڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بي??جي??م جي فلينڊرس ريجن جي ص??ر جان ??يمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن جي ص??ر جي سفارتي صلاحڪار فر??ينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.