اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سا?? درآم??ي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست ب??لي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ب??لي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سا?? توانائي جي تحفظ ج?? معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ ??ام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سا?? توانائي جي درآم??ي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست ب??لي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سا?? ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سا?? پوري عمل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته درآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر سا??يانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته ب??لي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سا?? توانائي جي تحفظ ج?? معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ??ام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.