اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو ??هي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان خصوصي ماڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، ??عا??ري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ماڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده ق??نونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع ??عا??ري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي ماڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ??ه خصوصي ماڻهو ??عا??ري جو هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوصي ماڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿي?? نه ڏنو ۽ ??عا??ري ۾ مثبت ??ردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذور ماڻهن جي ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.