اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر ??ي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ ??رديءَ ۾ ??ي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي ا??هن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ا??هن کي هلندڙ ??رديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ??ينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.