اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي په?? جي امڪان?? جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياست?? جي شموليت جي امڪان?? جي آجيان ڪئي. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪ?? جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرمين ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياست?? جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آه?? جيڪي ريلويز ۽ زميني رابط?? جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستا?? جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن علائقائي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم اي سي او جي وچ ايشيا تائين په?? جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گو??در ج?? بندرگاهه دني?? کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاو?? جي ويز?? جي ذريعي ريلوي ٽريڪس ۽ رست?? جي ذريعي رابطاڪاري سان علائقائي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابط?? جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثري?? جي بحالي تي خرچ ٿيندي.