اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ق??ر جاويد باوجوه ڪالهه سومر ڏينهن الوداعي مُلاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد باجوه جي پاڪ فوج، مُلڪي دفاع ۽ قومي مفادن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت جي حوالي سان جنرل ق??ر جاويد باجوه جي ڪردار کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن ۾ جنرل ق??ر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج مثالي خدمت??ون سرانجام ڏنيُون، دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ لاءِ جنرل ق??ر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج وڏي بهادري، شجاعت ۽ بهادري سان ڪردار ادا ڪ??و، هن چيو ته جنرل ق??ر جاويد باجوه ت??ريخ جي هڪ مُشڪل دور ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ جنرل ق??ر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪ??و، هن چيو ته مُشڪل علائقائي صورتحال ۾ جنرل ق??ر جاويد باجوه قائداڻي ڪردار سان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ رُخ طئه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ سمُورين سياسي قوتن کي ميثاق معيشت تي صحيح??ون ڪري گڏيل ڏاهپ جو مُظاهرو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي دُنيا جي بهترين فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد باجوه قومي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل ق??ر جاويد باجوه جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد باجوه سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.