ڪراچي ۔27 آڪٽوبر( اي پي پي ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪشمير ۾ ڀ??رت?? ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهياآزادي ڪشميرين جي منزل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي،صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀ??رت?? قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل ??وم?? جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ڀائرن جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀ??رت?? جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀ??رت?? ظلمن ۽ بنيادي ??نس??ني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سف??رت?? مدد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير جي مسئلي کي ??وم?? ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي،ھن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪمل ڪندي.