سرينگر – 04 – آگسٽ (ا?? پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ م??ر واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪشمير تڪرا?? جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمي?? جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.