اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي، ??رجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، ??نهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ??رجمان چيو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪ??مي??ي عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو جنهن ڀارت سان ب??معنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل لاءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جنهن تي هن ٿنڪ ٽينڪ ??ي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.