اسلام آباد – 23 ̵1; ا??ريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر ??وا??دار طارق يوسف، س??اهي اعجاز حسين، س??يمان وقاص جي گهرڀاتين سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت حسين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.