اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ??ول??نا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي ??ول??نا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. ??ول??نا فضل الرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آه??. وزيراعظم شهباز شريف ??ول??نا فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ??ول??نا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آه?? ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آه??. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آه?? ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابين?? جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.