اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ??ڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙ?? فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ??يو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان نٿا چاهيون هڪ تڪراري اليڪشن ٻيهر ٿئي، چاهيون ٿا ليول پليئنگ ??يلڊ هجي، اسان بار بار واضح ??يو آهي ته چونڊ سڌارا هجڻ گهرجن، اسانکي اهو قابل قبول نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ چونڊن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي چونڊ سڌارا ڪريون، چونڊ قانونن ۾ ترميم ڪري اسان اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ??يو ويو، آئيني حقن کي سلب نه ??يو وڃي، ان رواج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شيري رحمان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙ?? فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، پنجن ڏينهن کان سڄو ملڪ معطل آهي، پاڪستان جي ??ئين کي انصاف گهرجي، اهو عوام جو ڪيس آهي، سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ??يو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا ??مورا ايم اين ايز غدار آهن ان حوالي سان اسانکي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو اسان پڻ ڏسنداسين ته ڪير غدار آهي، تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ملڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي ??ولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي قبول ??يو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ بينچ بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري جو الزام لڳايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته غدار ڪير آهي