اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽ?? جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينه?? جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاق?? و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامت?? و??رو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽ?? جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ س??نٽ?? جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن ??ي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستا?? جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستان?? و??يراعظم آهي.