اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ڪان??رن?? کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويندو ته جيئن انهن جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ان ڪان??رن?? ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ڪان??رن?? هن وقت افغانستان جي صورتحال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ??دا ڪندي. هن چيو ته او آءِ سي ڪان??رن?? جو سهرو موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪان??رن?? جو هي قدم وزيراعظم عمران خان ورتو آهي. هن چيو ته ان ڪان??رن?? دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪان??رن?? پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪان??رن?? آهي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا?? ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.