اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن??امي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچ?? لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ضرورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفا?? ۾ ??ه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي رستي افغان عوام کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪارن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هن??امي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچ?? خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفا?? ۾ ??ه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي رستي افغان عوام کي امداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هن??امي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خصوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.