اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏيهي آفيس پاران جاري پريس رليز موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آئرلينڊ جي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزيرن افغانس??ان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چ??و ته آئرلينڊ يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چ??و ته پاڪس??ان آئرلينڊ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته آئرلينڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي، پرڏيهي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آئرلينڊ حڪومت جي حڪمت عملي ?? ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي ميڪنزم کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪس??ان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪس??ان جي حمايت تي آئرلينڊ جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۾ وبائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.