دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??ڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏ??ند?? رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي ??ستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو من??ر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي ??در سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي ??ورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿ??، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طا??بان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿ??ند??.