اس??ام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??اولپنڊي اس??ام آباد يونين ??ف جرنلسٽس (آر آئي يو جي) جي نئين چونڊيل صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر ۽ ٻين ??هديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بينادي ۽ جم??وري حق تي ڪامل يقين ??کي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جم??وريت جي مضبوطي ۽ جم??وري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آر آئي يو جي جا ??وان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.