اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آ??اد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??غا??ستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آ??يسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي ا??غا??ستان ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ا??غا??ستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سهو??ت لاءِ اطلاعات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري وزارت خاص طور تي ايڪ??ٽر??ل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آ??اد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.