اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خ??تمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خ??متن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچ??ند?? بيمارين جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي ??صي??اري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ??لڪ ۾ پوليو جي خ??تمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ??لڪ ۾ پوليو جي خ??تمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن ??صي??ارن جي تعاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.