جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪ??و ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري ج?? د??وت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.