گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، م??ڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ڏوهاري آهن، ??نصاف ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ان سان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، ??نهن قومن جي تباهي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، م??هنجي تربيت چورن جي خلاف جدوجهد جي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلت??تا?? ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کان پئسا وٺڻ بدران ان کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلت??تا?? لاءِ 370 ارب روپين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، ??سڪردو ايئرپورٽ کان عالمي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان جي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلت??تا?? جي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته جنهن سان هتي ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان جون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کان فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ان جي باوجود گلگت بلت??تا?? لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته جڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هتي جو دورو ڪيو هتي جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪ??تا?? سميت دنيا جو ان سان رابطو نه هو، هي علائقو دنيا کان ڌار هو، هتي هاڻي به رستا خطرناڪ آهن اسان انهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون سوئٽزرلينڊ سميت دنيا جي خوبصورت علائقا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلت??تا?? انهن کان گهڻو خوبصورت آهي، هتي دنيا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خوبصورت آهن، ??ڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هتي وٺي آيس مون هتي جي خوبصورتي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان سان دنيا کي ان علائقي جي خوبصورتي کان آگاهي ٿي. هن چيو ته مون تڏهن اهو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ان علائقي نه پر پوري پاڪ??تا?? جي خدمت ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سن??ن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سن??ن جائيدادون اتي هيون، ??هي هن علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيراعظم چيو ته ان علائقي ۾ انڊسٽريل زورن کان وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هتي جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هتي فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺاهي سگهجن ٿا، هتي سياحت ۾ سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن، هي علائقو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڏو آهي، هتي خوبصورتي وڌيڪ آهي.