اسل??م آباد – 30 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 131 فوتگيون ٿيون جنهن مان 52 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ??لڪ ۾ 5 هزار 112 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناس?? جي لحاظ کان ملتان ۾ 74 سيڪڙو، لاهور ۾ 72 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 59 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 64 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بس??رن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناس?? جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، ملتان ۾ 77 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 74 سيڪڙو ۽ نوشهره ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 99 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 633، پنجاب ۾ 18 هزار 962، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 230، اسل??م آباد ۾ 5 هزار 168، بلوچستان ۾ 894 گلگت بلتستان ۾ 453، آزاد ڪشمير ۾ 759 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 11 هزار 465 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 641 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 91 هزار 547 آهي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 20 هزار 823 آهي.