اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزير??عظ?? عمران خان جي ??يجيٽل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر شبلي فراز وزير??عظ?? کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنه?? جي حتمي منظوري وزير??عظ?? آفيس پاران ڏني ويندي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ??يجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستا?? جي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ??يجيٽل ميڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ميڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزير??عظ?? کي ڊيجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي ??تي??ي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزير??عظ?? کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.