اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪست??ن جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريقي م??ڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪست??ن جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قائم ??ندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي م??ڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن ت?? ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر م??ڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.