اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي ب??وجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪر?? سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينج?? جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي ب??لادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موثر قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪر?? سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي ب??ي طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪست??ن به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينج?? جي باوجود قومي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿ?? جي ذريعي ب??ث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي?? جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران ايوا?? جي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوا?? جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.