اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سان وڏي انگ ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ??ڏيل ڪوششن سان ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يورپي حڪ??متي سربراهن، عمان جي شوريٰ ڪا??ونسل جي اسپيڪر ۽ چين جي عالمي ترقي جي وزير کي خط لکيا آهن جن ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي وئي آهي.