اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڏاهپ واري قيادت ۾ حڪومت اسلوب حڪمراني جي نظام ۾ ٺوس سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ?? ذميوار ميڊيا جي فروغ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، معاشري جي واچ ڊاگ هجڻ جي ناتي ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ ميڊيا کي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ جي لاءِ لازمي سمجهون ٿا. هن اها ڳالهه جرمني جي عالمي نشرياتي اداري ڊوئچي ويلي جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽر ليم??ور?? سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.