اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بين ??لصوبائي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ ج?? ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ واٽر پاليسي تي عملدرآمد جي ڏس ۾ صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. هو چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو اهتمام حصار فائونڊيشن ڪيو هو. ان ڪانفرنس جو موضوع پاڻي، توانائي ۽ غذا ??و تعلق ۽ 21 هين ??دي ۾ پاڪستان جي ايجنڊا آهي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس جي موضوع جي چونڊ کي ساراهيو.