بيجنگ -07 نومبر (اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو نئين دور ۾ هڪٻئي سان گڏجي هلڻ جو رستوڳولين ته جئين ٻنهي ملڪن ?? وسيع تر دنيا کي فائدو پهچي. هن چيو ته مستحڪم مضبوط ۽ پائيدار ??اڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن لا??ِ ڪم ڪنداسين ۽ عالمي برادري جي خواهشن تي پورو لهنداسين. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻئي ڌريون گڏيل احترام، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ کٽڻ واري سهڪار جي اصولن کي برقرار رکڻ سميت ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي مضبوط ڪنديون. اختلافن کي مناسب طريقي سان منظم ڪنديون ۽ گڏيل فائديمند سهڪار کي وڌائينديون.