اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪ فضائيه جي شهيد نوجوان هواباز راشد منهاس کي ??ندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لاءِ قرباني کي ??لام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوجوان پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي يوم شهادت تي قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اطلاعات واري وزير چيو ته جوان عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي ??هي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت جي لاءِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.