اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آ??ي ته اڄ آچر ڏي??هن پاڪستان عالمي اڏامن جي لاءِ پنهنجون فضائي حدون جزوي طور کولي ڇڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ع??را?? خان ٻڌايو ته اهو فيصلو خاص طور تي انهن سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪي هن وبا دوران تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن پر انهن وڏي جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي وطن واپسي تي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت انهن کي هر قسم جي سهولت ڏي??دي.