اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو ان??شا?? ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا رهيا، بي آءِ ايس پي ج?? آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪ??س ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪار?? آفيسرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ ??ريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪار?? آفيسرن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪار?? آفيسرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.