بيجنگ – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري دوري تي عوامي جمهوريه چين پهچي ويو آهي، عوامي جمهوريه چين جي قيادت جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جو آگسٽ 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جو هي پهريون سرڪاري دورو آهي جيڪو ٻنهي م??ڪن جي گڏيل ويجهڙائي ۽ روايتي گرمجوشي جي عڪاسي سان گڏوگڏ پاڪ چين سدا بهار وسيع معاون حصيداري جو ثبوت آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو و??ير اسد عمر، منصوبابندي وارو و??ير خسرو بختيار، ريلوي وارو و??ير شيخ رشيد احمد، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ بلوچستان جو وڏو و??ير ڄام ڪمال به دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهن.